سورنهن معجزه

سورنهن معجزه

سورنهن معجزه

سورنهن معجزه (ڪتاب): هي ڪتاب پيغمبر اسلام ۽ سندس آل جي معجزن ۽ ڪرامتي واقعن تي مشتمل مشتاق مسرور باريچي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ معجزن جي واقعن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ڪتاب جا سترهن بـاب آهن. باب پهرين ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، باب ٻئي ۽ ٽئين ۾ حضرت علي عه، باب چوٿين ۾ بيبي فاطمة الزهرا سلام الله عليها، باب پنجين ۾ حضرت امام حسن عه، باب ڇهين ۾ حضرت امام حسين عه، باب ستين ۾ حضرت امام زين العابدين عه، اٺين باب ۾ حضرت امام جعفر صادق رضه، نائين باب ۾ حضرت ابوالفضل العباس عه، ڏهين باب ۾ ڏهن بيبين جي ڪهاڻي، يارهين باب ۾ حضرت امام موسيٰ ڪاظم عه، ٻارهين باب ۾ حضرت امام علي رضا عه، تيرهين باب ۾ حضرت امام حسن عسڪري عه، چوڏهين باب ۾ حضرت امام محمد مهدي، پندرهين باب ۾ بيبي سيده زينب سلام الله عليها جا معجزا، سورهين باب ۾ جهٽ پٽ (ترت) بيبيءَ جي ڪهاڻي ۽ سترهين باب ۾ عربيءَ ۾ زيارتون سنڌي ترجمي سان گڏ شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب حيدري ڪتبخاني، ڀٽ شاهه، 2009ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو